ٻائي ٻڍي

ٻائي ٻڍي: هيءَ درويش عورت ’ٻارڻذات سان تعلق رکندي هئي، جنهن جي مزار ضلعي ٺٽي، جي تعلقي جاتيءَ ۾، رڙيءَ جي ڦٽل شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن متعلق مختلف روايتون آهن. ڪي چون ٿا ته هن ڄمڻ وقت ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ماڻهن کي حيرت لڳي، انهيءَ ڪري مائٽ کيس جهنگ ۾ ڇڏي آيا، پر هوءَ انهن جي واپس اچڻ کان اڳي ئي گهر پهچي چڪي هئي. اهڙي قسم جون ٻيون به ڪيتريون روايتون مشهور آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو